SINDHI SARVECH

SINDHI SARVECH

  • By:Ram. Sachanand Jawhrani
  • ISBN:Sindhi
  • Publication Type: 2.13.61 Publications
  • Category: Biography/Autobiography/Memoirs
  • Condition:Brand New
  • No Of Pages:656
  • Specification:
  • Release Date:24th Oct 2014
  • Price:Rs 1,290.00
  • Price
    Specifications
     
  • Rs1,290.00

Description

هيءُ ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ دور درشن تي پيش ڪيل ملاقاتن جو قلمبند ڪيل دستاويز آهي، ورتل ملاقاتون سنڌيءَ ۾ آهن، جن کي هتي لکيت ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته جيڪي ماڻهو دوردرشن تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيل انٽرويو ڏسي نه سگهيا آهن، اهي پڻ هي ڪتاب پڙهي، پنهنجي اتهاس ۽ وراثت کان واقف ٿي سگهن. اوهين سمجهي سگهو ٿا ته رام کي ملاقات وٺڻ لاءِ سوال نامو تيار ڪرڻ ۾ ڪيتري محنت ڪرڻي پيئي هوندي ۽ ڪيترو وقت ڏيڻو پيو هوندو! هر اهو شخص، جنهن کان سوال پڇڻا آهن، هن ان جي زندگيءَ جو پس منظر سمجهڻ ۽ حاصلاتن کي ڌيان ۾ رکڻ بعد ئي هن کانئس اهڙي قسم جا سوال پڇيا آهن، جيئن اهڙي معنيٰ خيز معلومات حاصل ٿي سگهي، جنهن مان سماج کي لاڀ حاصل ٿيڻ سان گڏوگڏ هڪ هڪ شخص جي ڄاڻ ۾ پڻ اضافو ٿئي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته رام هڪ نماڻي ڪوشش ڪندي، اڪيلي سر هن اتهاسڪ ضرورت جي پوئواري ڪئي آهي؛ ان لاءِ کيس لک لک مبارڪون هجن! مون کي پوري اميد آهي ته هيءُ ڪتاب جن پاٺڪن کي ڌيان ۾ رکي تيار ڪيو ويو آهي، اهي سڀ هيءُ تاريخي دستاويز ضرور پڙهندا ۽ لاڀ حاصل ڪندا!

Your Comment