Maau

Maau

  • By:Maxim Gorky
  • ISBN:Sindhi
  • Publication Type: 2.13.61 Publications
  • Category: Fiction
  • Condition:Brand New
  • No Of Pages:416
  • Specification:
  • Release Date:3rd Aug 2015
  • Price:Rs 680.00
  • Price
    Specifications
     
  • Rs680.00

Description

ميڪسم گورڪيءَ جي لکيل ناول ”ماءُ“ بابت ولاديمير لينن چيو هو ته، ”هيءُ ڪتاب- گهڻو ضروري آهي. گهڻن مزدورن سوچڻ سمجهڻ بنا سڀاويڪ انقلابي هلچل ۾ حصو پئي ورتو ۽ هاڻي اُهي ’ماءُ‘ پڙهندا، جيڪو سندن لاءِ گهڻو فائديمند آهي..... گهڻو وقتائتو ڪِتاب آهي.“ ميڪسم گورڪيءَ جو اصل نالو اليڪسئي ميڪسيمووِچ پيشڪوف هو ۽ هو 28 مارچ 1868ع تي ڄائو ۽ 18 جُون 1936ع تي سوويت يونين ۾ وفات ڪيائين. هو سماجواد حقيقت پسندي ادبي طريقيڪار جو باني ۽ سياسي ڪارڪن هو. 1906ع کان 1913ع تائين ۽ 1921ع کان 1929ع تائين هو پرڏيهه ۾ رهيو، خاص ڪري اٽليءَ جي شهر ڪئپريءَ ۾؛ پنهنجي واپسيءَ تي هُن سوويت يونين جي تڏهوڪين ثقافتي پاليسين کي مڃيو هو، توڻي هُن کي ڏيهه کان ٻاهر وڃڻ جي موڪل نه ڏني وئي هئي. عالمي اَدب جي تاريخ ۾ ڪنهن فنڪاراڻي تخليق کي پڙهندڙن جو ايڏو گهڻو تعداد نصيب نه ٿيو آهي، ۽ نه ئي لکين ڪروڙين انسانن جي قسمت تي انهيءَ جو ايڏو گهڻو ۽ سِڌو اثر پيو، جيترو ميڪسم گورڪيءَ جي هن ڪتاب جو. هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ 1905ع جي پهرئين روسي انقلاب دؤران لکيو ويو هو، پوءِ به اڃا تائين مختلف ملڪن جي پڙهندڙن ۾ مشهور آهي ۽ اُهي کيس پسند ڪن ٿا.

Your Comment