Manhoon

Manhoon

  • By:Badar Abro
  • ISBN:Sindhi
  • Publication Type: 2.13.61 Publications
  • Category: Science & Technology
  • Condition:Brand New
  • No Of Pages:436
  • Specification:
  • Release Date:29th Jun 2015
  • Price:Rs 750.00
  • Price
    Specifications
     
  • Rs750.00

Description

سنڌو ماٿري جي تهذيب، جنهن کي دنيا ’مهن جو دڙو تهذيب‘ جي نالي سان سڃاڻي ٿي، لڳ ڀڳ 1800 کان 2500 سال قبل مسيح جي ڄاتي وڃي ٿي. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته اها تهذيب قديم ميسوپوٽيما جي ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ کان پوءِ شروع ٿي، يعني هاڻوڪي سنڌو ماٿريءَ ۾ ٻاهريان ماڻهو اولهه وارن علائقن کان جابلو ماٿريون ۽ ميدان لتاڙي آيا ۽ اچي تهذيب جا بنياد وڌائون. محققن جي هڪ طبقي جو خيال اهو به آهي ته سنڌو ماٿريءَ ڏانهن ٻي وڏي ۽ جارحاڻي لڏ پلاڻ لڳ ڀڳ 1500 قبل مسيح ۾ ۽ ان کان پوءِ ٿي. هي ماڻهو اتر اولهه ايشيا کان سنڌ آيا ۽ اچي آريا سماج قائم ڪيائون. محققن جي سوچ ڏسي ايئن لڳي ٿو ته هو سنڌو ماٿريءَ کي اهڙو جاگرافيائي هنڌ سمجهن ٿا، جيڪو پرديسي ماڻهن اچي آباد ڪيو، شروع ۾ پرامن طريقي سان ۽ پوءِ طاقت جي زور تي. مان ذاتي طور تي انهن ٻنهي لڏ پلاڻن جي موقف سان سهمت نه آهيان. مان سمجهان ٿو ته سنڌو ماٿريءَ ۾ انسان جڳن کان رهندو پيو اچي، اها ٻي ڳالهه آهي ته پرڏيهي ماڻهن جا وڏا گروهه مختلف وقتن کان سنڌ ڏانهن سفر ڪندا ۽ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪندا رهيا آهن. ساڳئي طرح سنڌي ماڻهن جا گروهه به ٻاهرين ملڪن ڏانهن لڏيندا رهيا آهن. ايئن ريتون، رسمون، ٻوليون، تجربا ۽ سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين منتقل ٿيندو رهيو آهي. اسان جي خوشقسمتي آهي جو سنڌو ۽ بولان وادين سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊيگهه ويڪر ۾ اهڙا بي شمار ماڳ لڌا ويا آهن، جيڪي مهن جي دڙي واري دؤر کان به اڳ جا آهن. انهن ماڳن کي مجموعي طور تي سنڌو تهذيب کان اڳيون ثقافتون (Cultures Pre-Indus) چيو وڃي ٿو. پر ٿلهي ليکي انهن کي ’آمري ثقافت‘، ’ڪوٽڏيجي ثقافت‘ ۽ ’مهر ڳڙهه ثقافت‘ جا نالا ڏنا ويا آهن. مهر ڳڙهه جو دور هن مهل تائين لڌل دنيا ۾ سڀني قديم ثقافتن ۾ ٻئي نمبر تي آهي. مهر ڳڙهه سبيءَ ويجهو بولان نديءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي ۽ اهو ماڳ 9 هزار سال پراڻو سمجهيو وڃي ٿو. اهي ٽيئي ثقافتون پنهنجي پر ۾ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته انهن ئي مهن جي دڙي جهڙي شاندار تهذيب جا بنياد وڌا. پر اهو سوال اڃا به باقي آهي ته انهن ٽنهي ثقافتن جا ماڻهو ڪٿان آيا؟ ڇا اهي ماڻهو به ٻاهران آيا؟ هر گز نه. اهي ماڻهو ايامن کان سنڌ ۾ هئا ۽ سنڌ جي ٽاڪرو علائقن ۾ لکا سالن کان پنهنجي ڪارڪِرت ۾ مشغول هئا. هن مختصر تحقيقي سلسلي ۾ مون انهن ماڳن جا تفصيل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پٿر جي دور جا سنڌي ماڻهو هتي ئي رهندا هئا. اهي ماڳ سڄي سنڌ جي جبلن ۽ ٽڪرن ۾ موجود آهن. مان اقرار ڪيان ٿو ته آرڪيالاجي ۽ اينٿروپالاجي ڳوڙهيون سائنسون آهن، جن تي گرفت رکڻ خود انهن لاءِ به ڏکيو آهي، جن وٽ انهن موضوعن تي باقاعدي ڊگريون آهن. مون هتي تاريخ کان اڳ واري تسلسل جون ڪي ڪڙيون ڳنڍڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. ممڪن آهي ته ڪا ڳنڍجي به پوي. ايتري گذارش ضرور ڪندس ته سنڌ جي حوالي سان جنهن جنهن ماڳ جو ذڪر ڪيم اٿم، اهو مون اکين سان ڏٺو آهي، ان جي پيمائش ڪئي اٿم ۽ مختلف محققن سان خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ ڪي ثبوت هٿ ڪيا آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز ڪري نٿا سگهجن. انساني تهذيب جي ارتقا ۽ ان جي دورن کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته خود انسان جي پنهنجي ارتقا ۽ جاگرافيائي تاريخ تي سرسري نگاهه وڌي وڃي، ڇاڪاڻ ته زندگي ۽ تهذيب جي واڌ ويجهه ۾ سڀ کان وڏو هٿ خود جاگرافيائي ڦيرڦار جو رهيو آهي. جتي آباد ٿيڻ جهڙيون حالتون موجود هونديون، انسان توڙي جانور اتي ئي رهندا آهن ۽ جتي حالتون موافق نه هونديون، اتان لڏي ويندا آهن. انهن حالتن تي نظر وجهڻ لاءِ مون ٻين تحقيقي ڪتابن تان وڌ ۾ وڌ مواد ورتو آهي. سنڌ ۾ انساني سرگرميءَ جا پراڻي ۾ پراڻا آثار سنڌ جي جبلن ۽ ٽڪرين تي محفوظ آهن، باقي ميداني علائقن ۾ درياهن ۽ سمنڊ جي اڳتي پوئتي ٿيڻ واري عمل يا رخ بدلائڻ جي ڪري ڪنهن تمام اوائلي آثار جو ملڻ ناممڪن ٿي ويو آهي. بهرحال، هن ڪتاب کي آدجگادي انسان جي ارتقا ۽ سفر جي ڪهاڻي سمجهڻ گهرجي، جنهن جي آخري باب ۾ سنڌ جي حوالي سان اوائلي لوڪن جي ٿاڪن جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. شال قبول پوي. آئون انهن صاحبن جو ٿورائتو آهيان، جن کوجنا جي هن ڪم ۾ منهنجي عملي ۽ علمي مدد ڪئي. مسٽر عبدالقادر منگي جنهن روهڙي، ڪوٽڏجي ٽڪرين ۽ ڪارونجهر ۾ وسيلا مهيا ڪري ڏنا. ڪليم لاشاري جيڪو اڪثر مهمن ۾ گڏ رهيو، تاج صحرائي جنهن هن ڪم لاءِ اتساهه ڏنو، فقير انور بلوچ جنهن ڪراچي ۽ لسٻيلي جي ڏکين علائقن ۾ ساٿ ڏنو. آئون انهن گمنام ريڍارن ۽ ٻڪرارن جو ٿورائتو آهيان، جن جبلن جي ورن وڪڙن ۾ لڪل غارن جي نشاندهي ڪئي ۽

Your Comment