KHUDA JEE TAREEKH

KHUDA JEE TAREEKH

  • By:Karen Armstrong
  • ISBN:Sindhi
  • Publication Type: 2.13.61 Publications
  • Category: History
  • Condition:Brand New
  • No Of Pages:496
  • Specification:
  • Release Date:1st Dec 2014
  • Price:Rs 900.00
  • Price
    Specifications
     
  • Rs900.00

Description

ٻاراڻيءَ عمر ۾ منهنجا ڪيترائي مضبوط مذهبي عقيدا هيا، پر خدا ۾ ڪو ٿورڙو يقين هيو، تقابلي نسبتن واري ڪنهن فرقي ۾ ”عقيدي“ ۽ ”يقين“، جيڪي اسان کي انهيءَ قابل ڪن ٿا ته انهن تي پنهنجو ڀروسو رکون، ۾ وڏو ۽ واضع فرق آهي. مون بنا ڪنهن شڪ جي خدا جي وجود کي مڃيو ٿي؛ مون حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي عشاء رباني جي دعوت ۾ حقيقي طور (بنفس نفيس) موجودگي، ڪليسا جي مقدس ريتن رسمن جي تاثير، جزا ۽ سزا جي عمل ۽ عالم برزخ جي حقيقي مقصد ۾ پڻ يقين رکيو ٿي. بهرحال، مان اهو نٿي چئي سگهان ته حتمي ”حقيقت“ جي خاصيت بابت انهن مذهبي خيالن ۾ منهنجي عقيدي مون کي ڪو گهڻو اعتماد ڏياريو ته هتي دنياوي حياتي سٺي يا چڱائي واري هئي. منهنجي ٻارپڻي جي رومي ڪئٿوليت مورڳو ڊيڄاريندڙ عقيدو هئي. جيمس جوائس (James Joyce) پنهنجي ڪتاب ”پورٽريٽ آف دي آرٽسٽ ائز اي ينگ مئن“ (Portrait of the Artist as a Young Man) ۾ صحيح لکيو آهي: خطبن ۾ دوزخ جي باهه بابت مون پنهنجو حصو ٻڌو ٿي. دراصل خدا جي مقابلي ۾ دوزخ هڪڙي وڌيڪ ٺوس حقيقت لڳي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها ڪا شي هئي، جنهن کي مان تصور ۾ ويهاري ٿي سگهيس. ٻئي پاسي خدا، ڪنهن حد تائين مبهم خاڪو هيو، جنهن جي ڪنهن سمجهه ۾ ايندڙ تاثر بجاءِ مورڳو نه سمجهه ۾ ايندڙ تجريدي خيالن ۾ وضاحت پيش ڪئي وئي هئي. جڏهن مان اٺن سالن جي عمر جي هيس ته مون ”خدا ڇا آهي؟“ واري سوال لاءِ هن مذهبي اصول واري جواب کي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو هيو: ”خدا سڀ کان اعليٰ طاقت آهي، جيڪو اڪيلو پاڻ ئي پاڻ موجود آهي ۽ سڀني ڪماليتن ۾ لامحدود آهي.“ انهيءَ ۾ ڪو عجب ڪونهي ته اها منهنجي لاءِ معمولي ڳالهه هئي ۽ مان ايئن چوڻ لاءِ تيار آهيان ته ان اڃا تائين مون کي تسلي ڪونه ڏني آهي. اها سدائين هڪڙي نمايان طور غير تسلي بخش، بناوٽي ۽ اجائي وصف محسوس ٿيندي رهي آهي. بهرحال، هن ڪتاب لکڻ کان پوءِ مون کي مڃڻو پيو آهي ته اها ڳالهه به صحيح ڪونهي. مان وڏي ٿيندي رهيس، مون تسليم ڪيوته خوف جي بجاءِ مذهب ۾ گهڻو ڪجهه آهي. مون درويشن جي سوانح عمرين، فلسفي شاعرن، ٽي. ايس ايليٽ (T.S. Eliot) ۽ صوفين جي عام فهم لکڻين مان ڪجهه پڙهيون. مان عام دعائن جي خوبصورتيءَ کان متاثرٿيڻ لڳيس ۽ توڙي جو خدا ڏورانهون رهيو، پر مون محسوس ڪيو ته ان کي ڳولڻ ممڪن آهي ۽ خيالي تصور سموري پيدا ٿيل حقيقت جي هئيت بدلائي ڇڏيندو. ايئن ڪرڻ لاءِ مان هڪڙي مذهبي جماعت ۾ داخل ٿي ويس. هڪڙي سيکڙاٽ ۽ نوجوان راهبه جي حيثيت ۾ مون ديني يقين بابت گهڻو ڪجهه پرايو. مون پاڻ کي معافي طلب ڪندڙ دعائن، آسماني ڪتاب، دينيات ۽ چرچ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. مون راهباڻي زندگيءَ جي تاريخ ۾ ووڙڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي جماعت جي دستور جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۾ جنبي ويس، جيڪو دستور اسان کي دل و جان سان سکڻو هيو. وڏي عجب جي ڳالهه آهي ته انهن مان هر ڪنهن ۾ خدا بابت تمام ٿورڙو تصور پيش ڪيل هيو. لڳو پئي ته ڌيان صرف ثانوي حيثيت وارين ڳالهين تي ۽ مذهب جي گهٽ اهميت وارن پهلوئن تي ڏنو ويو آهي. مان عبادت ڪرڻ دوران پنهنجو پاڻ مونجهاري جو شڪار هوندي هيس، مان ذهن تي زور ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هيس ته اندر ۾ خدا جي تصور کي ويهاريان پر اهو سخت ڪارفرما رهيو، جنھن منهنجي طرفان اصول جي هر ڀڃڪڙيءَ کي نظر ۾ ٿي رکيو، يا لالچائي گم ٿي ويو ٿي. مون درويشن جي بيخودين جي باري ۾ جيترو گهڻو پڙهيو ٿي، ايترو وڌيڪ مان پاڻ کي ناڪام ٿي سمجهيو. ڏکويل حالت ۾ مان باخبر هيس ته جيڪو ٿورو گهڻو مون مذهبي تجربو حاصل ڪيو هيو، اهو ڪنهن حد تائين منهنجين پنهنجين ڪوششن جي حاصلات هيو، ڇوته مان پنهنجن احساسن ۽ تصور مطابق ڪم ڪندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن هڪڙو دلي لڳاءَ وارو احساس پوپ گريگوري جي حمديه گيت جي موسيقيءَ جي خوبصورتي ۽ عام دعائن لاءِ جمالياتي رد عمل هوندو هيو، پر پنهنجي غورو فڪر ذريعي حاصل ڪيل تجربي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ذريعي مان مون کي اصل ۾ ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيو. نبين سڳورن ۽ صوفين طرفان بيان ڪيل خدا جي ڪڏهن به ڪا جهلڪ ڪونه ڏٺي. حضرت عيسيٰ عليھ السلام جنهن جي باري ۾ اسان ”خدا“ هجڻ بابت حد کان گهڻو ڳالهائيندا هئاسين، صاف طور تي هڪڙي تاريخي شي لڳو، منجهيل نموني سان اڳوڻن نوادرات ۾ پوريل. مان چرچ جي ڪجهه عقيدن جي باري ۾ به ڳوڙهن شڪ شبهن ۾ مبتلا ٿيڻ لڳيس. ڪوبه ماڻهو اهو يقيني طور تي ڪيئن ڄاڻي ٿي سگهيو ته عيسيٰ ( عليھ السلام) نالي انسان مجسم خدا هيو ۽ اهڙي عقيدي جو ڪهڙو مطلب هيو؟ ڇا نئون عهدنامو واقعي انهن ڳالهين بابت تفصيل سان ٻڌائي ٿو، جيڪي انتهائي تضاد واريون آهن، مثال طور: ٽن خدائن وارو نظريو - يا اهوبه عقيدي جي ڪيترن ٻين فقرن وانگر جيروسلم(يروشلم) ۾ حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي صليب چڙهڻ کان صديون پوءِ مذهبي ماهرن طرفان هٿ ٺوڪيل ڳالهه هئي. آخرڪار، ڏک مان، مون مذهبي زندگي ڇڏي ڏني ۽ هڪڙو دفعو ناڪاميءَ ۽ بيوسيءَ جي بار کان آزاد ٿي ويس. مون محسوس ڪيوته منهنجو خدا ۾ يقين خاموشيءَ سان گم ٿي ويو. ان منهنجي زندگيءَ تي ڪڏهن به حقيقي طور اثر ڪونه ڪيو هيو، توڙي جو مون پنهنجي وس آهر، ان طرفان ايئن ڪري سگهڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي هئي. هاڻي جڏهن مون ان بابت پاڻ کي ايترو فڪرمند ۽ قصور وار نٿي سمجهيو ته اهو هڪڙي حقيقت هجڻ کان گهڻو اوجهل ٿي ويو. بهرحال، مذهب ۾ منهنجي دلچسپي جاري رهي ۽ مون مذهبي تجربي جي نوعيت ۽ عيسائيت جي اوائلي تاريخ جي باري ۾ ٽيليويزن تي ڪيترائي پروگرام ڪيا. مون مذهب جي تاريخ بابت جيترو گهڻو پڙهيو ۽ سکيو، منهنجا وهم ايترو وڌيڪ درست ثابت ٿي ويا. هڪڙي ٻار جي حيثيت ۾ بنا ڪنهن سوال جي مون جيڪي عقيدا قبول ڪيا هيا، اهي حقيقت ۾ هٿ ٺوڪيل هيا، وقت جي ڊگهي وهڪري دوران ٺاهيا ويا هيا. لڳي ٿوته سائنس خالق مالڪ خدا کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ۽ بائيبل جي عالمن ثابت ڪيو هيوته حضرت عيسيٰ عليھ السلام ڪڏهن به خدا هجڻ جي دعويٰ ڪونه ڪئي هئي. مرگهي واري وانگر مون وٽ به خيالي منظرن جون جهلڪيون هيون، جن لاءِ مون کي خبر هئي ته اهي محض ذهني خاميون آهن: ڇا درويشن جون روحاني بشارتون ۽ بيخوديون پڻ هڪڙو دماغي خلل هيون؟ هلندي هلندي خدا هڪڙي انوکي شي لڳو. اهڙي شي جيڪا انساني نسل پالي وڏي ڪئي هئي. راهبه جي حيثيت ۾ ڪيترن سالن تائين ڪم ڪرڻ جي باوجود، مان نه ٿي مڃان ته منهنجو خدا بابت تجربو انوکو آهي. خدا بابت منهنجا خيال ٻاراڻي عمر ۾ ٺهيا هيا ۽ ٻين مضمونن ۾ منهنجي وڌندڙ ڄاڻ سان هم قدم ٿي نه سگهيا. مون فادر ڪرسمس لاءِ سادن ٻاراڻن خيالن ۾ تبديلي ڪئي هئي؛ جيتريون ٻاراڻيءَ عمر ۾ ممڪن ٿي سگهيون هيون، انهن جي مقابلي ۾ انسان کي پريشان ڪندڙ صورتحال جي پيچيدگين کي وڌيڪ پختيءَ سمجهه سان محسوس ڪرڻ لڳي هيس. البت خدا بابت منهنجن اوائلي منجهيل خيالن ۾ ڪا ڦيرڦار ڪونه ٿي هئي ۽ نه سڌارو آيو هيو. منهنجي غيرمعمولي مذهبي معلومات کان سواءِ به ماڻهن کي خبر هوندي ته خدا بابت انهن جو تصور به ٻالڪپڻي ۾ ٺهيو هيو. انهن ڏينهن کان پوءِ اسان ٻاراڻين ڳالهين کي وساري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي پهرين سالن واري خدا کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو آهي. تاهم مذهب جي تاريخ بابت منهنجي مطالعي سان پڌرو ٿيو آهي ته انسان روحاني جانور آهن. دراصل اهو بحث طلب معاملو آهي ته انساني نسل (”هومو سئپينس“ Homo Sapiens) پاڻ ئي مذهبي (”هومو رليجس“ Homo Religious) پڻ آهي. مرد ۽ عورتون جيئن ئي مڃيل طور انسان ٿيا ته انهن ديوتائن کي پوڄڻ شروع ڪيو؛ انهن ساڳي وقت مذهب به ايجاد ڪيا، جيئن انهن هنري ڪم ايجاد ڪيا. اهو محض انهيءَ ڪري ڪونه ٿيو ته انهن سگهارين طاقتن کي خوش ڪرڻ ٿي گهريو، پر انهن اوائلي عقيدن حيرت ۽ اسرار جي انهن جذبن جو اظهار ٿي ڪيو جيڪي لڳي ٿو ته سدائين هن خوبصورت بلڪ ڀوائتي دنيا جي انساني تجربي جو لازمي جز رهيا آهن. هنر وانگر مذهب به زندگيءَ ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻ جي باوجود مطلب ۽ قدر معلوم ڪرڻ لاءِ هڪڙي ڪوشش رهيو آهي، ٻي ڪنهن انساني ڪِرت وانگر مذهب کي به غلط استعمال ڪري سگهجي ٿو، بلڪه هميشھ ڪنهن حد تائين اسان ايئن ڪندا به رهيا آهيون. اهو استحصالي بادشاهن ۽ پادرين طرفان ابتدائي طور تي سيڪيولر خاصيت سان ڪونه ڳنڍيو ويو هيو، پر انسان ذات لاءِ فطري هيو. حقيقت ۾ اسان جي موجوده سيڪيولرازم مڪمل طور تي هڪڙو نئون تجربو آهي، جنهن جو انساني تاريخ ۾ ڪو مثال موجود ڪونهي. اسان کي اڃا ڏسڻو آهي ته اهو نظريو ڪيئن ٿو ڪم ڪري. اهو چوڻ به سچ آهي ته اسان جي مغربي آزاد خيالي واري انسان دوستي اها شي ڪونهي جيڪا اسان ڏانهن قدرتي طور اچي ٿي؛ هنر ۽ شاعريءَ جي لاءِ داد ڏيڻ واري مڃتا وانگر اها به بهتر بڻائڻي پوندي. انسان دوستي خود خدا کان سواءِ هڪڙو مذهب آهي. ظاهر آهي سڀئي مذهب خدا پرست ڪونه آهن. اسان جي اخلاقي سيڪيولر خيال کي پنهنجا دلي ۽ ذهني ضابطا آهن ۽ انساني زندگي جي حتمي مقصد ۾ يقين ڳولهڻ جا ذريعا مهيا ڪري ٿو؛ جيڪي ڪنهن وقت وڌيڪ روايتي مذهبن طرفان مهيا ڪيا ويا هئا. جڏهن مون خدا جي تجربي ۽ خيال جي انهيءَ تاريخ کي يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام جي ٽن هڪٻئي سان تعلق رکندڙ وحدانيت وارن عقيدن ۾ ڳولڻ شروع ڪيوته مون اهو ڳولڻ جي اميد ڪئي ته خدا صرف انساني ضرورتن ۽ خواهشن جو ذهني نقش هوندو. مون سوچيو ٿي ته، ”اهو“ معاشري جي ترقيءَ جي هر مرحلي تي ان جي اُڪيرن ۽ انديشن جي عڪاسي ڪندو. منهنجون اڳڪٿيون مڪمل طور تي بنا جواز جي ڪونه هيون، پر مان پنهنجن ڪجهه نتيجن تي حيران ٿي وئي آهيان؛ ڪاش اهو سڀ ڪجهه مون کي ٽيهه سال اڳ معلوم ٿئي ها جڏهن مان مذهبي زندگي شروع ڪرڻ واري هيس. اهو مون کي اهو ٻڌڻ جي وڏي ڳڻتيءَ کان بچائي ڇڏي هاته - ٽنهي عقيدن ۾ موجود نامور وحدانيت پسندن کان- مٿان لهي اچڻ جو خدا لاءِ انتظار ڪرڻ جي بجاءِ مان پنهنجو پاڻ سوچي سمجهي ان جو تصور پيدا ڪيان ها. ٻيا يهودي عالم (ربي Rabbis)، پادري ۽ صوفي مون کي اُکين تي کڻي ڇڏين ها، اهو بانور ڪندي ته خدا- ڪنهن به نموني ۾-هڪڙي ”موجود“ حقيقت هيو، اهي مون کي تنبيهه ڪن ها ته ڪنهن صفاتي شي وانگر ان جو تجربو ڪرڻ جي تمنا نه ڪر، ان کي صرف عام عقلي عمل ذريعي ڳولي سگهجي ٿو. اهي مون کي اهو ٻڌائين هاته اهم خيال ۾ خدا تخليقي تصور جي پيداوار آهي، جيئن شاعري يا موسيقي جنهن کي مان ايترو جوش ڏياريندڙ سمجهان ٿي. ٿورا انتهائي معتبر توحيد پرست خاموشيءَ سان ۽ چڱيءَ طرح مون کي ٻڌائين هاته خدا جو ڪو حقيقي وجود ڪونهي- ۽ ان جي باوجود ”اهو“ دنيا ۾ نهايت اهم حقيقت آهي. هي ڪتاب خود خدا جي بيان ڪرڻ کان مٿي حقيقت جي تاريخ ڪونه هوندو، جيڪا ڳالهه وقت ۽ نئين تجربي کان مٿانهين آهي، پر ان طريقي جي تاريخ هوندي جنهن سان عورتن ۽ مردن ان جو حضرت ابراهيم عليھ السلام کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادراڪ حاصل ڪيو آهي. خدا لاءِ انساني تصور جي هڪڙيءَ تاريخ آهي، جيئن ته اهو ماڻهن جي هر ٽولي ۾ ٿورڙي فرق سان سدائين ڪا شي سمجهيو ويو آهي جن ان کي وقت جي مختلف گهڙين ۾ استعمال ڪيو آهي. انسان ذات جي هڪڙي پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ ۾ خدا جو ٺاهيل تصور ڪنهن ٻئي نسل ۾ بي معنيٰ ٿي سگهي ٿو. دراصل هن بيان ”مان خدا کي مڃان ٿو“ ۾ ڪا گهربل معنيٰ ڪونهي، جيئن ڄاڻايل آهي، پر ان جو مطلب ڪنهن ٻئي بيان وانگر لاڳاپيل تناظر ۾ آهي. ڪا شي جڏهن ڪنهن خاص برادريءَ طرفان پڌرو ڪجي. تنهن ڪري لفظ ”خدا“ ۾ هڪڙو سدائين ساڳيو رهندڙ تصور شامل ڪونهي، پر ان لفظ ۾ معنائن جا سمورا جزا شامل آهن، جن مان ڪي متضاد آهن يا مورڳو باهمي طور امتيازي آهن. جيڪڏهن خدا لاءِ قياس ۾ اها لچڪ نه هجي هاته اهو هڪڙو وڏو انساني تصور ٿيڻ لاءِ باقي رهي نه سگهي ها. جڏهن خدا جو هڪڙو خيال ختم ٿي ويو آهي، جو ڪا معنيٰ رکي يا تعلق رکي ته اهو خاموشيءَ سان رد ڪيو ويو آهي ۽ هڪڙي نئين عقيدي سان تبديل ڪيو ويو آهي. جيئن ته بنياد پرستي تاريخ جي مخالفت ۾ آهي، انهيءَ سبب هڪڙو بنياد پرست انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪندو: اهي مڃين ٿا ته حضرت ابراهيم عليھ السلام، حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ پوءِ اچڻ وارن نبين سڳورن،سڀني پنهنجي خدا جو بلڪل ايئن تجربو ڪيو، جيئن ماڻهو هاڻي ڪن ٿا. وري به جيڪڏهن اسان پنهنجن ٽنهي مذهبن تي ڌيان ڏيون ته اهو واضح ٿيندوته ”خدا“ جو ڪو ظاهري منظر ڪونهي: هر نسل پنهنجي مطلب مطابق خدا جو تصور پيدا ڪيو آهي. دهرين لاءِ به ساڳي ڳالهه صحيح آهي. اهو بيان ته ”مان خدا کي ڪونه ٿو مڃان“، هميشھ تاريخ جي هر دؤر ۾ ٿورڙيءَ مختلف معنيٰ وارو رهيو آهي. اهي ماڻهو جن کي سالن کان ”دهريو“ ڪوٺيو ويو آهي تن سدائين خدا جي ڪنهن خاص تصور کان انڪار ڪيو آهي. ڇا اهو ”خدا“ جنهن جو دهريا اڄ انڪار ڪري رهيا آهن، اسان جي ابن ڏاڏن واروخدا، نبين سڳورن وارو خدا، فلاسافرن وارو خدا،صوفين وارو خدا، يا ارڙهينءَ صديءَ جي موحدن وارو خدا آهي؟ انهن سڀني خدائي سوچن کي يهودين، عيسائين ۽ مسلمانن پنهنجي تاريخ جي مختلف موڙن تي بائيبل ۽ قرآن شريف وارو خدا هجڻ طور احترام جي نظر سان ڏٺو آهي. اسان ڏسنداسين ته اهي هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف آهن. دهريت اڪثر ڪري هڪڙي عارضي ڪيفيت رهي آهي: ايئن يهودين، عيسائين ۽ مسلمانن کي سندن لادين (پاگان Pagan) همعصر ”دهريو“ سڏيندا هئا، ڇوته انهن خدا جي هستيءَ ۽ غيرجسماني طاقت لاءِ هڪڙو انقلابي خيال اپنايو هيو. ڇا موجوده دهريت ”خدا“ جو ساڳيو انڪار آهي، جيڪو اسان جي زماني جي مسئلن لاءِ گهڻو اطمينان بخش ڪونهي؟ ان جي ٻي دنياداريءَ جي باوجود مذهب انتهائي نتيجي خيز آهي. اسان کي معلوم ٿيندو ته اهو خدا جي ڪنهن خاص تصور جي ڪم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو اهم آهي. بجاءِ ان جي جو ان لاءِ منطقي طور يا سائنسي طور پختو ٿئي. جيئن ئي اهو اثر وڃائيندو ته ان کي تبديل ڪيو ويندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڳالهه لاءِ بنيادي طور مختلف. انهيءَ ڳالهه اسان جي پنهنجي زماني کان اڳ وارن گهڻن موحدن کي پريشان ڪونه ڪيو هيو، ڇو ته انهن کي پوري پڪ هئي ته خدا لاءِ انهن جا خيال ٺوس ڪونه هئا، پر فقط عارضي ٿي ٿا سگهن، اهي مڪمل طور تي انسان جا ٺاهيل هئا، ٻيو ڪجهه به نٿي ٿي سگهيا، ۽ جنهن ناقابل بيان حقيقت جي اهڃاڻ کي انهن ظاهر ٿي ڪيو، ان کان بلڪل ڌار هئا. انهيءَ خاص امتياز جي اهميت بيان ڪرڻ جا ڪن ته بلڪل بي ادبيءَ وارا اطريقا اختيار ڪيا. وچين زماني (قرونِ وسطيٰ) جو هڪڙو صوفي ايتري حد تائين وڃي چوڻ لڳوته انهيءَ حتمي حقيقت جو، جنهن کي غلطيءَ سان خدا چيو وڃي ٿو، بائيبل ۾ ڪو ذڪرئي ڪونهي. تاريخ جي سموري عرصي دوران مردن ۽ عورتن ڪنهن هستيءَ جي سگهاري وجود کي محسوس ڪيو آهي، جيڪو عام رواجي دنيا کان برتر لڳي ٿو. دراصل اها انساني ذهن جي مخصوص حالت آهي جيئن ان کي سمجهه ۾ نه ايندڙ خيالن کي انهيءَ طريقي سان لڪائي سگهي. بهرحال اسان ان جي تشريح ڪرڻ چاهيون ٿا. بالاتر هستيءَ جو اهو انساني تجربو زندگيءَ جي هڪڙي حقيقت آهي. هر ڪو ماڻهو ان کي خدا ڪونه مڃيندو: ٻڌمت وارا، جيئن اسان کي معلوم ٿيندو، انڪار ڪندا ته ڪو انهن جا خيالي منظر يا ادراڪ ڪنهن مافوق الفطرت قوت جي ذريعي مان حاصل ٿيل آهن؛ اهي انهن کي انسان ذات لاءِ فطري سمجهن ٿا. بهرحال، سڀئي وڏا مذهب انهيءَ تي اتفاق ڪندا ته رواجي خيالي ٻوليءَ ۾ انهيءَ بالاتر هستي جي باري ۾ ٻڌائڻ ممڪن ڪونهي. موحدن (وحدانيت پرست) انهيءَ بالاتر هستيءَ کي ”خدا“ سڏيو آهي، پر انهن ان کي اهم شرطن سان چوڌاري گهيري ڇڏيو آهي. مثال طور، يهودين کي خدا جو مقدس نالو پڪارڻ کان منع ٿيل آهي ۽ مسلمانن کي ڏسجڻ جهڙي عڪس ۾ خدا جو نقش چٽڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪرڻي. ضابطو هڪڙو تاڪيد نامو آهي ته جنهن حقيقت کي اسان”خدا“ سڏيون ٿا، اها مڙني انساني اظهارن کان بالاتر آهي. اها عام سوچ ۾ ڪا تاريخ ڪونه هوندي، ڇو ته خدا جو تصور هڪڙي نقطي کان اُسري آخري تصور ڏانهن درجي به درجي واري انداز ۾ ترقي ڪونه ڪئي آهي. سائنسي علم جا تجريدي خيال ايئن ٻڌائين ٿا، پر مذهب ۽ آرٽ (Art) ائين نٿا چون. بلڪل ايئن جيئن عشقيه شاعريءَ ۾ موضوعن جو فقط ٻڌايل تعداد آهي، ايئن ماڻهو پڻ خدا جي باري ۾ ساڳي ڳالهه ورجائي ورجائي ٻڌائيندا رهيا آهن. حقيقت ۾ اسان کي يهودين عيسائين ۽ مسلمانن ۾ خدا جي باري ۾ تصورن جي متاثرڪندڙ هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ ايندي. انهيءَ جي باوجود ته يهودي ۽ مسلمان، عيسائين جي ٽن خدائن ۽ خدا جي انساني روپ وارن نظرين کي گهڻو ڪري ڪفر وارو عمل سمجهن ٿا، انهن به انهن اختلافي عقيدن جا پنهنجا مؤقف پيش ڪيا آهن. انهن عالمي فڪري سوچن جي هر اظهار ۾ ٿورڙو فرق آهي. بهرحال، انساني تصور جي ايجاد ۽ ڏات ڏيکاري ٿي ته اهو ”خدا“ بابت پنهنجي تصور جو اظهار ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهي ٿو. جيئن ته اهو هڪڙو ڊگهو موضوع آهي، مون ڄاڻي واڻي پاڻ کي هڪڙي خدا تائين محدود رکيو آهي، جنهن جي يهودي، عيسائي ۽ مسلمان عبادت ڪن ٿا، توڙي جو مون ڪڏهن ڪڏهن حتمي حقيقت لاءِ لادين (پاگان)، هندن ۽ ٻڌمت وارن جي خيالن کي وحدانيت واري پهلو کي وڌيڪ صاف بڻائن وارو سمجهيو آهي. ايئن لڳي ٿوته خدا جو تصور انهن مذهبن ۾ موجود تصورن سان گهڻي حد تائين ويجهو آهي، جيڪي مذهب بلڪل آزادانه طور اُسريا. خدا جي حقيقت بابت اسان ڪهڙي به نتيجي تي پهچون، انهيءَ تصور جي تاريخ انساني ذهن ۽ اسان جي امنگ جي باري ۾ ڪا اهم ڳالهه اسان کي ضرور ٻڌائيندي. اڪثر مغربي معاشري جي سيڪيولر ڪردار جي باوجود، خدا جو تصور اڃا تائين لکين ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪري ٿو. تازن جائزن ۾ اهو معلوم ٿيو آهي ته نوانوي سيڪڙو آمريڪي خدا کي مڃين ٿا، پر سوال اهو آهي ته ايترن گهڻن پيش ڪيل خدائن مان اهي هڪڙي ”خدا“ تي متفق ٿيندا؟ ديني ادب اڪثر ڪري هر پهلوءَ کان مبهم ۽ اختصار وارو رهي ٿو، پر خدا بابت تاريخ حساس ۽ جذباتي رهي آهي. حتمي حقيقت جي ڪجهه ٻين تصورن جي خلاف اصل ۾ اهو جدوجهد ۽ ايذاءَ جي پيڙائن ذريعي ڌيان ۾ آيو هيو. اسرائيلي پيغمبرن جسماني تڪليف طور پنهنجي خدا جو تجربو ڪيو، جنهن تڪليف سندن هر عضوو ڇڪي ڪڍيو ۽ انهن کي جوش ۽ فخر سان ڀري ڇڏيائين. جنهن حقيقت (هستي) کي اهي خدا سڏيندا هيا، توحيدي اڪثر ڪري ان جو تصور وڏي تڪليف واري حالت ۾ ڪندا هيا. اسان کي جبل جي چوٽين، اونداهيءَ، اهنجائيءَ، سوليءَ تي لڙڪيلن، ۽ دهشت بابت پڙهڻو پوندو. خدا جو مغربي تصور خاص ڪري دهشتناڪ لڳو ٿي. انهيءَ موروثي آزمائش جو ڪهڙو سبب هيو؟ ٻيا توحيدي روشني ۽ نوراني صورت جي ظهور بابت ڳالهائيندا هيا، جنهن هستيءَ جو اهي تصور ڪندا هيا، ان جي خدوخال بيان ڪرڻ لاءِ وڏي جرئت وارا استعارا استعمال ڪندا هيا، جيڪا قدامت پرست نظرئي کان گهڻو مختلف هئي. تازو، ڏندڪٿا ۾ وري ٻيهر دلچسپي پيدا ٿي وئي آهي، جيڪا مذهبي حقيقت جي وڌيڪ پرتخيل اظهار لاءِ هڪڙي گهڻي وڏي خواهش جي نشاندهي ڪندي. آمريڪي اسڪالر آنجهاني جوزف ڪئمپبيل طرفان پيش ڪيل مواد نهايت گهڻو مقبول ٿيو آهي. ان قديم ڏندڪٿائن کي روايت پسند معاشري ۾ اڃا تائين جاري ڏندڪٿائن سان ملائيندي، انسان ذات بابت هميشھ رهندڙ ڏندڪٿائي قصن جي معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڪثر ڪري اهو سمجهيو ويو آهي ته ٽئي خدائي مذهب (يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام) ڏند ڪٿا ۽ شاعراڻين علامتن کان سواءِ آهن. تڏهن به، توڙي جو موحدن اصل ۾ پنهنجن پاڙيسري مشرڪن (پاگان) جي ڏند ڪٿائن کي رد ڪيو، پر بعد ۾ اهي ڏندڪٿائون اڪثر ڪري آهستي آهستي عقيدي ۾ داخل ٿي ويون. مثال طور، صوفين خدا کي عورت جي روپ ۾ ڏٺو آهي، ٻيا وري خدا جي جنسيت بابت احترام سان ڳالھائين ٿا ۽ هڪڙي عورتاڻي عضوي کي عظيم هستيءَ منجهه پيش ڪيو اٿن. اها ڳالهه مون کي ڏکئي مرحلي تي پهچائي ٿي، ڇو ته موجوده خدا خصوصي طور مرد هستيءَ طور شروع ٿيو ۽ موحدن عام طور تي ان جي حوالي ۾ مذڪر جو اصطلاح ”اهو“ (”ھي“ He) لفظ جو استعمال ڪيو آهي. موجوده سالن ۾ عورتن جي حقن جي وڪالت ڪرڻ وارن ”فيمينسٽن“ (Feminists) سوچي سمجهي ان کي رد ڪيو آهي. جيئن ته مان انهن ماڻهن جا خيال ۽ تصور بيان ڪنديس، جن خدا کي ”اھو“ (”ھي“ He) ٿي سڏيو، مون به روايتي مذڪر وارو اصطلاح (ٽرمينالاجيTerminology) استعمال ڪيو آهي، سواءِ ڪجهه جاين جي، جتي مذڪر ۽ مؤنث يڪسان طور استعمال ٿيندڙ ٻنهي لاءِ ”اِٽ“ (It) جو لفظ وڌيڪ مناسب لڳو آهي. تاهم انهيءَ ڳالهه جو شايد ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته خدا جي نسبت انگريزي ۾ خاص طور تي مذڪر جو استعارو استعمال ڪرڻ ڏکيرو آهي. بهرحال عبراني، عربي ۽ فرانسي ۾ گرامر موجب جنس لاءِ ڏنل حوالو دينياتي گفتگو پيش ڪري ٿو، يعني جنس جي سٽاءَ ۽ بحث جو هڪڙو قِسم، جيڪو جنس جو توازن برقرار رکي ٿو، جنهن جي اڪثر ڪري انگريزيءَ ۾ کوٽ آهي. ايئن عربيءَ ۾ الله (خدا جو ذاتي نالو) گرامر موجب مذڪر آهي، پر خدا ۽ خدا جي پراسرار حقيقت لاءِ لفظ ”ذات“ گرامر موجب مؤنث آهي. خدا جي باري ۾ سموري گفتگو امڪان کان ٻاهر ڏکيائين ۾ منجهائي ٿي ڇڏي. پوءِ به موحد ٻوليءَ جي باري ۾ سدائين پراعتماد رهيا آهن، پر ساڳي وقت بالاتر هستيءَ جي حقيقت بيان ڪرڻ لاءِ ان جي گنجائش کان انڪار ڪيو آهي. يهودين، عيسائين ۽ مسلمانن جو خدا هڪڙو اهو خدا آهي، جيڪو ڪنهن نموني ۾ ڳالهائي ٿو. ان جو ڪلام مڙني ٽنهي مذهبن ۾ عاليشان آهي. لفظ ”خدا“ اسان جي ثقافت جي تاريخ کي شڪل ڏني آهي. اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته آيا لفظ ”خدا“ کي موجوده زماني ۾ اسان جي لاءِ ڪا معنيٰ آهي.

Your Comment