Secularism : Mazahabi Aen Islame Riasat

Secularism : Mazahabi Aen Islame Riasat

  • By:Sabet Hassan
  • ISBN:Sindhi
  • Publication Type: 2.13.61 Publications
  • Category: Politics & Current Affairs
  • Condition:Brand New
  • No Of Pages:176
  • Specification:
  • Release Date:11th Aug 2014
  • Price:Rs 500.00
  • Price
    Specifications
     
  • Rs500.00

Description

مولانا محمد عبدالله درخواستي، نظام علماءِ پاڪستان جي امير چيو، ته سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ مولوين کي گهُرجي، ته اُهي مُلڪ ۾ سيڪيولرزم جي جوکي سان مقابلي لاءِ متحد ٿين. هُن اِها ڳالهه ڪالهه شام جامعه مدينه ڪريم پارڪ ۾ عالمن کي خطاب ڪندي ڪئي. (لاهور، 13 اپريل 1981ع) علم توڙي ڏاهپ جو وَڻ، گهڻن کي حياتيءَ جي وڻ کان گُمراهه ڪري ٿو ۽ اُهو جهنم جي عذابن جو ٿَلهه هُجي ٿو. پادري بوناوَن ترا. (1221ع کان 1274ع تائين) جيڪي ماڻهو اِهو چون ٿا، ته اسان اِهو ڪيئن مڃون، ته بيماريون ڇُوت سان لڳن ٿيون، جڏهن ته شرعي قانونَ انهيءَ کان انڪار ڪن ٿا، ته اُنهن کي اسان جو جواب آهي، ته وبائي مرضن جو وجود تجربي، کؤجنا، پنجن حواسن جي شاهدين ۽ ويساهي روايتن سان ثابت آهي. وبا جي سچائي تڏهن پڌري ٿي وڃي ٿي، جڏهن ڪو محقق اِهو ڏسي ٿو، ته مريض کي ڇُهڻ واري کي پاڻُ اُهو مرض لڳي وڃي ٿو. جڏهن ته پري رهندڙ ماڻهو اُنهيءَ مرض کان بچيل رهي ٿو. وبائي مرض ڪپڙن، ٿانوَن ۽ زيورن ذريعي ٻين کي لڳي ٿو. ابنِ خطيب غرناطوي (1313ع کان 1374ع تائين) اسان جي مُلڪ ۾ هينئر سيڪيولرزم جي اصطلاح سان به اُهو اَڍنگو ورتاءُ ٿئي پيو. مُلائن جي ته ڳالهه ٺهيو، پر چڱا پڙهيل لکيل سياسي اڳواڻ ۽ اخبارن جا ايڊيٽر به ماڻهن کي سيڪيولرزم کان ڌِڪارڻ خاطر اُنهيءَ جي معنيٰ ۽ سمجهه کي ٽوڙي ڀڃي سامهون آڻين ٿا ۽ اِهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿا، ته ڄڻ سيڪيولرزم مَهاماريءَ جو ڪُوئو يا ڇُوت جي بيماري آهي، جنهن کان هر ماڻهوءَ کي بچڻ گهُرجي. هُنن جو ويچار آهي، ته سيڪيولرزم هڪ ڀوائتو نظام آهي، جنهن سان بيديني، دُهريت ۽ بَداخلاقي ڦهلجي ٿي ۽ جهيڙي جهڳڙي جا دروازا کُلن ٿا، تنهنڪري سيڪيولر خيالن جي روڪٿام نهايت ضروري آهي، نه ته اسلام ۽ پاڪستان جوکي ۾ پئجي ويندا. اچو ته اُنهيءَ ڪُوڙ جو جائزو تاريخي سچائين جي روشنيءَ ۾ وٺون. سيڪيولر ۽ سيڪيولرزم نِج اُلهندي مُلڪن ۾ ڪَتب ايندڙ اصطلاح آهن. لاطيني ٻوليءَ ۾ سيڪيولَم (Seculum) جي لُغوي معنيٰ ”دُنيا“ آهي. وچئين دؤر ۾ رومن ڪيٿولڪ پادري ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا. هڪڙا اُهي پادري، جيڪي ڪليسائي ضابطن پٽاندر گرجائن ۾ رهندا هئا. ٻيا اُهي پادري، جيڪي عام شهرين جيان زندگي گهاريندا هئا: ڪليسا جي اصطلاح ۾ پڇاڙيءَ وارن پادرين کي ”سيڪيولر“ سڏيو ويندو هو. اُهي سمورا ادارا به سيڪيولر سڏبا هئا، جيڪي ڪليسا جي ماتحت نه هئا، ۽ اُها جائيداد به، جنهن کي ڪليسا وڪڻي ڇڏيندو هو. هينئر سيڪيولرزم جو مطلب، رياستي سياست يا حڪومتي انتظام جي مذهب يا ڪليسا کان جُدائي آهي، ۽ سيڪيولر تعليم اُهو سرشتو آهي، جنهن ۾ دينيات کي تعليم کان ڌار ڪيو وڃي ٿو.“ مذهبي رياست ”اسان ڪنهن ڳالهه لاءِ جدوجهد پيا ڪريون. اسان جو مقصد ڪهڙو آهي. اسان مذهبي رياست لاءِ نه پيا وڙهون، نه ئي اسان جو مقصد مذهبي رياست جوڙڻ آهي.“ (محمد علي جناح جو 1946ع ۾ دهليءَ ۾ اسيمبليءَ جي مسلم ليگي ميمبرن جي ڪنوينشن کي خطاب) ”بهرحال، پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ مذهبي رياست نه ٿيندو، جتي مُلائن جي حڪومت هجي، جن جي سوچ آهي، ته هُنن کي اُلوهي فرض سونپيو ويو آهي.“ قائداعظم محمد علي جناح، فيبروري 1948ع مذهبي رياست (Theocracy)، رياست جو اُهو قسم آهي، جنهن ۾ حڪومت جي قانونن کي، اِلاهي حُڪمن سان جوڙيو وڃي ٿو، يا جتي جو حاڪم، ڀڳوان يا ڀڳوان جي اوتار جو نمائندو هئڻ جي دعويٰ ڪندو هُجي. ٻين لفظن ۾ مذهبي رياست اُها رياست آهي، جنهن ۾ اقتداراعليٰ جا مالڪ، مُلڪ جا رهواسي نه هجن ۽ نه ئي ملڪي اختيارَ سندن چونڊيل نمائندن جي هٿن ۾ هجي، بلڪ مُلڪي اڳواڻ، ڪنهن ٻئي ذريعي سان اقتدار ماڻي، اِلاهي حُڪمن جي ترجمانيءَ جو دعويدار بڻجي وڃي. پر مذهبي رياست، مَلوڪيت ۽ جمهوريت، رياست جا ئي مختلف قسمَ آهن، تنهنڪري مذهبي رياست جي تفصيلَ تي ويچارڻ کان اڳ رياست جي قسم جي چِٽائي ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن پاڪستان ۽ ايران ۾ اسلامي رياست جو گوڙ اُٿيو آهي، تڏهن ڪجهه گروهه اِهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش پيا ڪن، ته اِسلام جي اچڻ سان ياست جي فطرت بدلجي وڃي ٿي. اِهو ته ايئن ئي آهي، جيئن اسان سوچيون، ته ڪو عيسائي، مسلمان ٿيندي ئي اکين بجاءِ ڪَنن سان ڏسڻ لڳندو يا پيرن بجاءِ مٿي تي هلڻ لڳندو. اسلامي رياست ”مونکي پاڪستان جي ابتدائي ڏينهن جا اُهي اَڻکُٽ بحثَ اڃا تائين ياد آهن، جيڪي پاڪستاني نظريي بابت نِجي گڏجاڻين ۽ عام جلسن ۾ ٿيندا رهندا هئا، پر اُنهن بحثن ۾ هڪڙي ڀيري به ڪنهن جي واتان اِهو نه ٻُڌو، ته غربت (۽ جهالت) جو مڪمل خاتمو به نئين رياست جي بنيادي نظرين ۾ شامل آهي.“ (ڊاڪٽر عبدالسلام جو تيرهين ڪُل پاڪستان سائنس ڪانفرنس ڍاڪا ۾ 11 جنوري 1961ع تي ڏنل صدارتي خُطبو) سماجي ادارا هُجن يا عقيدا توڙي فڪرَ، اُنهن جو اڀياس تاريخي پس منظر ۾ ڪرڻ گهُرجي، ته جيئن اُنهن عنصرن ۽ مُحرڪن جو پتو لهي سگهجي، جيڪي اُنهن حقيقتن جي پڌرائيءَ جو سبب بنيا. انهيءَ پرکيندڙ انداز کي تاريخ جي فلسفي جي اصطلاح ۾ ”تاريخي ذهنيت“ سڏين ٿا. هيءَ اُهو ئي سوچ جو انداز آهي، جنهن پٽاندر ديني عالمن، قرآني آيتن جي نازل ٿيڻ جي شانُ جو پتو لڳايو هو، ته اُهي آيتون ڪڏهن، ڪهڙي موقع تي ۽ ڪهڙي مقصد سان لٿيون هيون، پر تاريخ جيئن ته هڪ مُتحرڪ ۽ بدلجندڙ حقيقت آهي ۽ علاما اقبال جو چوڻ آهي ته: سکون محال ہے قدرت کے کارخانے میں تنهنڪري اسان تي لازم آهي، ته حقيقتن جو اڀياس سندن حرڪت توڙي تبديليءَ جي حالت ۾ ڪريون، نه ڪي سِڪون توڙي جامد حالت ۾. يعني، سماجي انداز ۾، سماجي ادارن ۾ ۽ عقيدن توڙي فڪرن ۾ مختلف وقتن تي جيڪي تبديليون نروار ٿينديون رهن ٿيون، تن تي اک رکون.

Your Comment